Solangi Caste history 1680

سولنگي سنڌي راجپوت قوم جي هڪ ذات آھي. جيڪي ڏکڻ بھاولپور، ڀارت، نيپال، پاڪستان، بلوچستان، ايران، سريلنڪا، برما ۽ افغانستان ۽ مختلف ملڪن ۾ رھن ٿا.سولنگي مسلمان، ۽ هندو مذهب سان تعلق رکن ٿا.سولنگي اگني ونسي (باھ جي ڪٽنب وارا) راجپوت قوم جي هڪ شاخ آھي. سنڌ ۽ ڀارت ۾ ھن ذات جا ماڻھو سولنڪي سڏجن.
ايس. ايم. چنا جي لکت موجب سولنڪي راجپوتن جي نسل مان آهن. سولنڪي لفظ اصل ۾ سنسڪرت جو لفظ ’سولڪ شانا‘ مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي ’خاص نشانين وارو‘. چيو وڃي ٿو ته هنن 931ع ۾ چوهاڻن تي فتح پاتي هئي. غُلام حيدر مهجور جي لکڻ موجب تَ” سولنگي اصل ۾ گجر، آگونسي(اگني ڪُل) راجپوت آھن. انهن جي جوڌن ۽ راجائن جي نالن پُٺيان هن قوم تي چالوڪيا، چلونڪي، سُلونڪي، سولنڪي ۽ سولنگي نالا پئجي ويا. اسلام کان اڳ ڌرمي شٶِديوتا جي پوڄا ڪرڻ سببان ڪن علائقن ۾ اِندِر ديوتا جي مڃيندڙن (جيڪي شو کي ڪونَ مڃيندا هئا) طرفان مهاشوي پوءِ مهاشي، ماشي ۽ ماڇي سڏيا ويا. خيرمحمد ٻرڙي جي لکڻ موجب هنن جي نسبت گجر ذات سان آهي. ڏهين صدي عيسويءَ ۾ هن ذات وارن گجرات تي حڪومت ڪئي هئي. ابو ظفر ندوي جي ’تاريخ گجرات‘ موجب هي اصل سنڌ جا رهاڪو هئا ڪن سببن ڪري هو سنڌ ڇڏي گجرات آيا ۽ ڪجھ اتي ئي رهي پيا. صدين کانپوءِ هو موٽي پنهنجي وطن سنڌ آيا. گُجرن جو 62 نکون هيون، انهن مان هڪڙي نک ’چالوڪيا‘ آهي. ان چالوڪيا جي هڪ شاخ ’سولنڪي‘ چئي وڃي ٿي. ڪرنل ٽاڊ ’تاريخ راجستان‘ ۾ سولنڪين جون 16 شاخون ڄاڻايون آهن.
(1) ڀاڳيل، (2) ڀيرپور، (3) بهيلا، (4) ڀرتا، (5)ڪلاچا، (6) لانگاها، (7) توگر، (8) برڪو، (9) سرڪي، (10) سرواريا، (11) رائوڪا، (12) رانيڪيا، (13) کارارا، (14) تنتيا، (15) الميچا، (16) ڪالامور.
راجپوتانا جا سولنڪي، چوهاڻن، جاڊن، تيمورن، راٺوڙن، گئورن سميت ڪن ذاتين سان ڏي وٺي جون شاديون ڪندا آهن. منگهارام اوجها جي ڪتاب ’پراڻو پارڪر‘ ۾ لکيل آهي ته سولنڪي، راجپوتن جي سورج ونسي نسل مان آهن، جيڪي اصل ’هندو‘ هئا، جن مان ڪافي مسلمان ٿيا ۽ ڪجهه اڃا به هندو آهن. ان کان سواءِ ٿر جي مختلف ذاتين: ڪولهين، سوٽهڙن ۽ مينگهواڙن ۾ به سولنڪي نُکون آهن. ’ماڻڪٽارو رياست (جنهن جا آثار ڦلجي لڳ دادو ضلعي ۾ آهي) جو حاڪم جيسر ولد جج سولنڪي چيو وڃي ٿو

Comments